سامتاڻين واري مسجد

سامتاڻين واري مسجد

سامتاڻين واري مسجد

سامتاڻين واري مسجد: مغل دور جي هيءَ مسجد ديھه ڪلھوڙا، تپي خداآباد، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ سامتياڻيءَ ۾ آهي. ھن مسجد جي اڏاوت بابت ڪيتريون روايتون ملن ٿيون. پھرين ته ھتي حيدر ۽ قيصر نالي پنھورن جا سردار رهندا ھئا، جن کان ڪلھوڙن ھي شھر ورتو. ٻيو ته ھي مغلن جي دور جي مسجد آھي ٽيون ته ھيءَ مسجد مشھور جرنيل دولھه درياخان جي ٺھرايل آھي. عمارت جي جوڙجڪ ٻڌائي ٿي ته ھيءَ اڏاوت ڪلھوڙن کان اڳ جي آھي. مسجد جو ٻاھريون دروازو خود ھڪ ننڍو يادگار آھي، جيڪو مسجد جي اوڀر ۾ آھي. ان کي 333 سينٽي ميٽرن جي وڏي ونگ آھي، جيڪاTudor نموني جي ٿوري خمدار (ogee) ۽ چوٽيءَ وٽ ٺپر (stroke) سان آھي. ٻيءَ ان کان ننڍي، ونگ 4.2 فوٽن جي آهي، جنھن جي اوچائي 277 س. م آهي ۽ اُن ۾ دروازو لڳل آھي. مھاڙي 16.6 فوٽ ۽ پاسا 13.10 فوٽن جا آھن. دروازي جي مستطيل ڪوٺي، ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين، اوڀر اولھه ماپ 330 س. م ۽ اتر ڏکڻ 296 س. م آھي. اندرين مھاڙيءَ ۾ دروازو 250 س. م (وڏو ڏکڻ وارو حصو 247 س. م، وچين ونگ 141 س. م ۽ اتريون جارو 262 س. م) آھي. مسجد جو اڱڻ اتر- ڏکڻ 63.6 فوٽ ۽ اوڀر اولھه63.6 فوٽ آھي. چوڌاري ڀت ڏنل آھي؛ جيڪا ڪچي ۽ گِل گاري سان لنبيل آھي. صحن تي ھن وقت فرشبنديءَ جو ڪو نشان نه آھي. ٻاھرين ڀت 212 س. م اوچي آھي. مسجد جي مھاڙي ٽه ونگائين آھي. وچ واري ونگ 380 س. م ويڪري ۽ 570 س. م اوچي آھي. اتر پاسي واري ونگ 320 س. م ويڪري ۽ 467 س. م اوچي آھي. مھاڙيءَ جي ڏکڻ ۾ ڏاڪڻ ٺھيل آھي، مھاڙيءَ ۾ اندر وڃڻ لاءِ ٽي دروازا ٺھيل آھن. مھاڙيءَ جي ڪل ماپ ٻيڙ ٻني ۽ برجين سميت 738 س. م آھي. ڏاڪڻ ڇت تائين وڃي ٿي. ڏاڪڻ ۾ 24 ڏاڪا آهن ۽ ھر ھڪ ڏاڪو 66 س. م جو آھي. مھاڙي توڙي پٺئين پاسي اڀيون ۽ سڌيون ناليون پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺھيل آھن. دروازي سميت سڄي مسجد چن گاري سان لتل آھي.
نماز وارو حجرو ٽن حصن ۾ ورھايل آھي. ھرھڪ ڪمري کي الڳ دروازو ۽ مٿان گنبذ ڏنل آھي. پاسن وارا حجرا ھر ھڪ اوڀر اولھه وارو 505 س. م، اتر ڏکڻ وارو حجرو 320 س. م، جڏھن ته وچون حجرو 575 س. م جو آھي. محراب جي وڏي ونگ 310 س. م ۽ اوچي 220 س. م ويڪري آھي. محراب خود 102 س. م ويڪرو آھي. وچيون گنبذ فرش کان 990 س. م اوچو آھي، جڏھن ته پاسن وارا گنبذ 872 س. م فرش کان اوچائيءَ ۾ آھن. ڪانس (cornice) تي ڪنڊ- جوڙون (squinches) ٺھيل آھن، جيڪي فرش کان 550 سينٽي ميٽر مٿي ڪنڊن تي اڏيل آھن. اتر- ڏکڻ مسجد 54.6 فوٽ آھي. ڏکڻ ۽ اتر ۾ ھوا جي لنگھه لاءِ دريون ٺھيل آھن. ڇت تي ٽي گنبذ ٺھيل آھن. وچون گنبذ پاسي وارن ٻن گنبذن کان وڏو آھي. گنبذ ڳچ (Drum) تي ٺھيل آھي، جيڪو گولائيءَ تي آھي. وچين گنبذ جو پاسي وارن گنبذ کان وچ وارو فاصلو اٽڪل 164 س. م آھي. ڇت تي ٽي گنبذ ٺھيل آھن. وچين گنبذ جو گھيرو اٽڪل 1800 س. م آھي، جڏھن ته پاسن وانگر گنبذن مان ھرھڪ جو گھيرو 1400 س. م کان ٿورو مٿي آھي. ٻه گھٽيون انھن گنبذن ۾ ٺھيل آھن، جن جي ماپ 194 س. م اوچائيءَ ۾ 100 س. م ويڪر ۾ آھي. ان قسم جون اندريون گھٽيون خداآباد واري جامع مسجد ۾ به آھن. تمام وڏو ٻيڙٻنو، ڀتين سان، جنھن تي ڪنگرا ۽ گھٽيون ٺھيل آھن، اھي ڀتيون چئن ئي پاسي ٺھيل آھن سواءِ ڏکڻ طرف جي. ھي مسجد بھترين يادگار آھي. وقفي سان ان مسجد جي مرمت ٿيندي رهي آهي، پر ان جي اصل صورت به برقرار رکي پئي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو